شمس الدين قريشي

شمس الدين قريشي

شمس الدين قريشي

شمس الدين قريشي: ناليواري اديب ۽ محقق شمس الدين ولد رڪن الدين قريشيءَ جو جنم 4 جنوري 1892ع تي ڪوٽڙي بندر ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو. سندس وڏا اصل ۾ ملتان جا رهاڪو هئا، جيڪي ڪوٽڙي ۾ رهائش پذير ٿيا ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ مدرسو کولي ديني تعليم ۾ مشغول رهيا. شمس الدين ديني تعليم سان گڏ ڪجهه دنياوي تعليم به پرائي. ميان شمس الدين جو تاريخ، ادب ۽ مذهبي ڪتابن جو وڏو مطالعو هو. کيس تاريخ ۽ جاگرافيءَ سان خاص دلچسپي هئي. هن هندستان جي ڪجهه حصي ۽ سنڌ جي خاص طرح سير ۽ سياحت ڪئي. هيءُ ڪجهه وقت ڪوٽڙيءَ جي ميونسپل جو ايڪٽنگ چيف آفيسر رهيو. شمس الدين تعليم کاتي طرفان نڪرندڙ اخبار ‘معلم’ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هن اخبار سنڌ جي مسلمان شاگردن جي همت افزائيءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. شمس الدين سنڌ جي جاگرافيءَ بابت هڪ ڪتاب ‘آئينه قديم سنڌ’ لکيو، جنهن ۾ هن آدم عليه السلام جي 130 ورهين بعد سنڌ جي وجود ۾ اچڻ بابت بحث ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب تاريخي لحاظ کان هڪ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. ناليوارو اديب جمال ابڙو سندس نياڻو هو ۽ محقق بدر ابڙو سندس ڏوهٽو ٿئي. شمس الدين قريشيءَ جو هڪ پٽ فاروق امين پوليس کاتي ۾ ايس. پي جي عهدي تي رهيو آهي.


لفظ شمس الدين قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.01.04  عيسوي

محقق شمس الدين ولد رڪن الدين قريشيءَ جو جنم 4 جنوري 1892ع تي ڪوٽڙي بندر ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرئوف عروج
شير مهراڻي ڊاڪٽر
علي اظهار
ڊاڪٽرعبدالجبار جوڻيجو
جوڻيجو سميع ساجد
عبدالمالڪ ميمڻ انجنيئر
غلام حسين رنگريز
عبداللطيف مهر
انيس گل عباسي
جوڻيجو عبدالقادر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون